پاڪستانسنڌ

ميهڙ لڳ ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ۽ واهر نه ٿيڻ خلاف ٻوڏ متاثرن جو احتجاج

ميھڙ: يونين ڪائونسل ڪولاچي جي ٻوڏ ۾ مڪمل تباهه ٿيل ڳوٺن مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ، راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان نه ملڻ خلاف سوين ٻوڏ متاثرن احتجاج ڪري روڊ بلاڪ ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي. جنهن سبب مسافر سخت پريشان رھيا، مظاھرين نياز پنھور، منور ڏھوٽ، مختيار کوسو، رئيس نظام کوسو، احمد خان چانڊيو ۽ ٻين آزاد پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته مھا ٻوڏ وڏي تباھي مچائي ڇڏي آهي، گھر ڊھي پٽ پئجي ويا، ساريالو فصل به لڙھي ويو، وڏي انگ ۾ چوپايو مال پڻ مري ويو، اسان جو گذر سفر ساريالي فصل تي ھوندو ھو، جيڪو مڪمل تباھه ٿي چڪو آهي، مھا ٻوڏ کي اڍائي مھينا گذري ويا آهن ھن وقت تائين يوسي ڪولاچي ڳوٺن جي واھر نه ٿي سگھي آهي. ڊي سي دادو اي سي ميھڙ مختيارڪار ميھڙ سکڻا آسرا ڏئي موٽائي ڇڏين ٿا نه راشن مليو نه ٽينٽ ملي سگھيا آهن، اسان فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون. ھنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي يوسي ڪولاچي جي ڳوٺن جي واھر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button