پاڪستانسنڌ

پرڏيهي فارماسوٽيڪل ڪمپنيز ڪم بند ڪري ڇڏيو، دوائن جي کوٽ جو خدشو

ڪراچي: پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترين ئي پرڏيهي فارماسوٽيڪل ڪمپنين پنهنجا آپريشن بند ڪري ڇڏيا آهن، جنهن کانپوءِ ڪيترين ئي دوائن جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. تفصيل ماطبق معاشي حالتن ۽ سياسي عدم استحڪام جي ڪري پرڏيهي فارماسوٽيڪل ڪمپنين پاڪستان ۾ آپريشن ختم ڪري ڇڏيا آهن، انسولين تيار ڪندڙ نالي واري ڪمپني پاڪستان ۾ پنهنجو ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو. جنهن سبب هيوملن انسولين مارڪيٽ ۾ اڻ لڀ ٿي وئي آهي. آمريڪي ڪمپني جو چوڻ آهي ته دوائن جو وڪرو ڊسٽريبيوٽرز جي ذريعي جاري رهندو. جرمن ڪمپني فريزنيس ڪابي به پاڪستان ۾ آپريشن ختم ڪري ڇڏيو آهي. جرمن ڪمپني ڪينسر، انسٿيزيا ۽ بڪين جون دوائون تيار ڪندي هئي. جرمن ڪمپني جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ڪاروبار لاءِ اطمينان جوڳو ماحول نه ملڻ تي ڪاروبار ختم ڪيو آهي، فرانسيسي ڪمپني سنوفي به پلانٽ لوڪل ڪمپني کي وڪرو ڪري ڇڏيو آهي. عالمي ڪمپنين جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ريگيوليٽري باڊيز بزنس دوست فيصلا نٿيون ڪن. ڪچو مال ۽ ٻين خرچن ۾ اضافو ٿيو آهي. جنهن کانپوءِ مقرر ڪيل اگهن تي دوائون ٺاهڻ ناممڪن آهي، تنهن ڪري ڪاروبار بند ڪرڻو پيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button