پاڪستانسنڌ

مانجهند ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف شهرين جي ريلي، انڊس ها وي تي ڌرڻو

سن: مانجهند ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ خلاف شھرين شاهي بازار مان ريلي ڪڍي انڊس ها وي تي 2 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو. جنهن سبب روڊ جي ٻنهي طرفن کان سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون ۽ مسافرن کي سخت مشڪلاتون پيش آيون. ان موقعي تي بابل لطيف کوسو، زوار الطاف ميمڻ، گلزار ملاح ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مانجھند تعلقا ھيڊڪوارٽر ھوندي به ان کي بنيادي سهولتون کان محروم رکيو پيو وڃي، گذريل 15 ڏينهن کان مانجهند جي 20 هزار آبادي کي پيئڻ جي پاڻي جي بنيادي حق کان محروم رکيو پيو وڃي، جيڪو پبلڪ ھيلٿ ڪري رهي آهي. پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهل انتظاميا وڏي عرصي کان پاڻي پهچائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي. هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا احتجاج پڻ ڪيا پر پبلڪ ھيلٿ جي ڪن تي جون به نٿي سري. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button