پاڪستانسنڌ

پ پ پ نين مڪاني تڪبندين تي ايم ڪيو ايم سان راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ بلدياتي تڪبندين سميت ٻين مامرن تي ڳالهيون ٿيون ۽ معاهدي تي اڳڀرائي بابت جائزو ورتو ويو. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل ڏيڍ ڪلاڪ جي ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم پراڻا مطالبا ٻيهر ورجايا، جنهن تي سنڌ حڪومت پاران اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. ذريعن مطابق پيپلزپارٽي ايم ڪيو ايم وفد کي آگاهه ڪيو ته بلدياتي تڪبندين جو معاملو اليڪشن ڪميشن سان مشروط آهي ۽ اسان نئين تڪبندين لاءِ تيار آهيون پر اليڪشن ڪميشن کي اوهان جا وڪيل راضي ڪن، پيپلزپارٽي ان ڳالهه تي واضح موقف اختيار ڪيو ته اسان کي نيون تڪبنديون ڪرائڻ تي ڪو اعتراض نه آهي، خيال رهي ته ايم ڪيو ايم جي وفد ۾ وسيم اختر، خواجه اظهارالحسن، امين الحق ۽ محمد حسين خان شامل هئا. جڏهن ته پيپلزپارٽي اڳواڻن ۾ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ۽ سنڌ حڪومت جو ترجمان مرتضيٰ وهاب موجود هو.

هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نومبر ۾ سنڌ روينيو بورڊ جي اوڳاڙي ۾ 23 سيڪڙو واڌ کي خوش آئند قرار ڏيندي روينيو کاتي کي ان ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. ڪالهه سنڌ بورڊ روينيو پاران وڏي وزير کي ڏنل رپورٽ موجب ايس آر بي نومبر 2022ع تائين 13 ڏهائي 50 ارب رپيا اوڳاڙي ڪيا آهن، جڏهن ته نومبر 2021ع ۾ 11 ڏهائي 01 ارب رپيا اوڳاڙيا ويا، اهڙي ريت اوڳاڙي جي شرح ۾ 23 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال جي پهرين پنجن مهينن ۾ ايس آر بي 62 ڏهائي 74 ارب رپيا گڏ ڪيا، جڏهن ته گذريل مالي سال ۾ 51 ڏهائي 26 ارب اوڳاڙيا ويا هئا، اهڙي ريت سنڌ روينيو بورڊ جي آمدني ۾ هلندڙ سال 22 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته تازي ٻوڏ سبب سست معيشت هوندي به نومبر ۾ ٽيڪس ۾ 23 سيڪڙو اضافو خوش آئند آهي ۽ هن ان ڪاميابي تي ايس آر بي جي ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي عملدرآمد ڪرائڻ ۽ نمايان اوڳاڙي تي ايس آر بي آفيسرن جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button