پاڪستان

عمران خان پارٽي اڳواڻن کي آرمي چيف ۽ اسٽيبلشمينٽ تي تنقيد کان روڪي ڇڏيو

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنهنجي پارٽي اڳواڻن ۽ سوشل ميڊيا ٽيم کي نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير سميت فوجي قيادت ۽ اسٽيبلشمينٽ خلاف تنقيد ۽ بيان ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف پاڪ فوج سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ چاهي ٿي، تنهن ڪري هاڻي اُن ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته آئنده نئين آرمي چيف ۽ پاڪ فوج تي ڪا به تنقيد نه ٿيندي. ٻئي طرف پنجاب حڪومت ۽ وڏي وزير جي ترجمان مسرت جمشيد چيما مطابق تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان پارٽي اڳواڻن کي ادارن تي تنقيد نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وڊيو بيان ۾ مسرت جمشيد چيما چيو ته اسان ادارن جي خلاف نه پهرين هئاسين نه مستقبل ۾ انهن جي خلاف مهم جو حصو بڻجنداسين، هڪ شخص جيڪو ڪيو اها سڀني کي خبر آهي ۽ هاڻي هو ماضي جو حصو بڻجي چڪو آهي. ڪنهن فرد بابت اسان کي آئين ۽ قانون پنهنجي راءِ رکڻ جو حق ڏي ٿو اسان ادارن جي خلاف ڪنهن ناڪاري پروپيگنڊا جو حصو نه اڳ هئاسين ۽ نه هاڻ بڻجنداسين، عمران خان ادارن جي مضبوطي ۽ قانون جي بالادستي جي ڳالهه ڪري ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button