پاڪستانعالمي

ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني تي حملو، ناظم الامور محفوظ،گارڊ زخمي، عملو واپس گهرائڻ جو فيصلو

افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني تي حملو ڪيو ويو، فائرنگ ۾ ڊپٽي ها ڪمشنر جو گارڊ گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو، جڏهن ته پاڪستان حڪومت واقعي جي سخت مذمتي ڪندي افغانستان مان پنهنجو سفارتي عملو واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو. تفصيل موجب افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتي اختيارين تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي. سفارتي ذريعن موجب فائرنگ ان وقت ٿي، جڏهن ناظم الامور (سفير) پنڌ وڃي رهيو هو، گولي لڳڻ سان سندس گارڊ زخمي ٿي پيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته گارڊ کي سيني ۾ ٽي گوليون لڳيون آهن ۽ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. سفارتي ذريعن ٻڌايو آهي ته پاڪستان سفارتخاني ۾ موڪل سبب رش نه هئي، جڏهن ته ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ۽ ٻين اختيارين کي وقتي طور پاڪستان واپس گهرايو پيو وڃي، ان حوالي سان سفارتي عملي کي افغانستان مان واپس گهرائڻ لا خصوصي جهاز ڪابل موڪليو ويندو. شروعاتي جاچ مطابق پاڪستاني سفارتخاني تي گوليون پاسي واري عمارت مان هلايون ويون. هوڏانهن صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڪابل ۾ پاڪستاني هيڊ آف مشن تي قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪندي ذميوارن خلاف فوري جاچ ۽ ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ڪابل ۾ پاڪستاني هيڊ آف مشن سان ڳالهه ٻولهه دوران ساڻس حڪومت ۽ عوام پاران يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪابل ۾ پاڪستان جي هيڊ آف مشن عبيد نظاماڻي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اهو ٻڌي اطمينان ٿيو ته هو محفوظ آهي، وزيراعظم چيو ته هن ان سان حڪومت ۽ عوام جي يڪجهتي جو اظهار ڪيو، جڏهن ته هر لحاظ کان کيس ۽ مشن کي مڪمل تعاون ۽ مدد جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته هن بهادر سيڪيورٽي گارڊ جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا پڻ ڪئي. ٻئي طرف صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪابل ۾ پاڪستاني هيڊ آف مشن تي حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي هڪ گڏيل خطرو آهي، ان جو موثر طور تي مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي مذمتي بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته الله جو شڪر آهي ته هيڊ آف مشن محفوظ آهي، زخمي سيڪيورٽي گارڊ جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان. هن چيو ته سفارتي مشن تي حملو ڳڻتي جوڳو آهي ۽ ان جي سخت مذمت ڪريان ٿو، هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي سمورين قسمن ۽ صورتن جي مذمت ڪري ٿو ۽ ان جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته دهشتگردي هڪ گڏيل خطرو آهي، موثر طور تي مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button