پاڪستان

عمران خان جي آڇ تي وزيراعظم سنجيده، سمورن اتحادين سان مشوري جو فيصلو

وزيراعظم شهباز شريف صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ نين چونڊن بابت عمران خان طرفان ڳالهين جي آڇ ڪرڻ تي پنهنجي سمورن اتحادين سان صلاح مشوري جو فيصلو ڪري ورتو آهي. شهباز شريف چيو آهي ته اتحادين سان صلاح مشورو ڪرڻ بعد عمران خان جي آڇ بابت حتمي فيصلو ڪنداسين. ٻئي طرف وزيراعظم کي لاهور ۾ نواز ليگ جي اڳواڻن پنجاب اندر پنهنجي حڪمت عملي بابت بريفنگ ڏني. ليگي اڳواڻن جو ملاقات ۾ چوڻ هو ته پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي خلاف بي اعتمادي جي رٿ تيار آهي، جڏهن ته اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ لا گورنر جي سمري جو آپشن به موجود آهي ۽ گورنر ڪنهن به وقت اعتماد جي ووٽ لا پرويز الاهي کي چئي سگهي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻن جي هنگامي اجلاس ۾ پنجاب اسيمبلي کي بچائڻ لا کنيل قدمن تي غور ڪيو ويو. ماڊل ٽائون ۾ ٿيل اجلاس ۾ وفاقي وزير، سينيئر ليگي اڳواڻ، وزيراعظم جا صلاحڪار ۽ پنجاب اسيمبلي جا ميمبر شريڪ ٿيا، جن ۾ حمزا شهباز، راڻا ثناءُ الله، اعظم نذير تارڙ، خواجا سعد رفيق، احمد چيما، عطا تارڙ، ملڪ احمد خان، اويس لغاري، خواجا سلمان رفيق ۽ ٻيا شامل هئا. اجلاس ۾ پنجاب اسيمبلي کي امڪاني طور ٽوڙڻ واري معاملي تي صلاح مشورا ڪيا ويا. وزيراعظم شهباز شريف پارٽي سربراهه نواز شريف جي صدارت هيٺ ورچوئل اجلاس جي سفارشن جي حوالي سان پڻ شريڪ اڳواڻن کي آگاهه ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button