پاڪستانپنجاب

اچو- چونڊن جي تاريخ ڏيو، عمران خان جي حڪومت کي ڳالهين جي مشروط آڇ

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پهريون ڀيرو وفاقي حڪومت کي ڳالهين جي مشروط آڇ ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ ميمبرن صوبائي اسيمبليون جلد ٽوڙڻ واري فيصلي تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي، جنهن بعد پارٽي سربراهه آچر کان پنجاب ۾ ڊويزنل سطح تي اسيمبلي ميمبرن سان ملاقاتن جو اعلان ڪيو آهي. تفصيل موجب لاهور ۾ تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ميمبرن فوري طور تي اسيمبليون ٽوڙڻ جي حوالي سان پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ عمران خان وفاقي حڪومت کي ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو ته اچو اسان سان گڏ ويهو ۽ چونڊن جي تاريخ ڏيو، نه ته پو اسان صوبائي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏينداسين، جيڪڏهن اسان پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جون اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون ته 66 سيڪڙو سيٽن تي چونڊون ٿينديون، توهان کي موقعو ڏئي سگهون ٿا ته اسان سان گڏ ويهو، اسان کي ٻڌايو ته توهان ڇا چاهيو ٿا، 66 سيڪڙو پاڪستان ۾ اليڪشن ٿئي ۽ توهان مرڪز ۾ ويٺا هجو، اسان ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر هي اليڪشن جو نالو ئي نٿا وٺن، ڇاڪاڻ ته هي چونڊن کان ڊنل آهن ۽ مار کائي ويندا، عمران خان چيو ته مسلم ليگ (ق) اسان سان گڏ بيٺي آهي ۽ پرويز الاهي مڪمل اعتماد ڏنو آهي ته مان جڏهن به چاهيندس تڏهن هو اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندو، اسيمبليون ٽوڙڻ جي پٺيان مقصد صرف پاڪستان آهي جيڪو معاشي طور تي تباهي ڏانهن وڃي رهيو آهي. وڊيو لنڪ جي ذريعي پارليماني پارٽي اجلاس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اسان جي دور ۾ پاڪستان جو ڊيفالٽ جو خطرو 5 سيڪڙو هو، جيڪو اڄ 100 سيڪڙو کان مٿي هليو ويو آهي، ٻاهرين دنيا سمجهي رهي آهي ته پاڪستان قرض واپس نٿو ڪري سگهي، ملڪ جي 88 سيڪڙو ڪاروباري برادري چوي ٿي ته کين هن حڪومت جي پاليسين تي اعتماد ناهي، نه اندر اعتماد آهي نه ٻاهر، هنن وٽ ڪو به روڊ ميپ نه آهي، اسحاق ڊار اچي چيو هو ته مان موڊيز ۽ آئي ايم ايف کي ٺيڪ ڪري ڇڏيندس پر هو به چپ ڪري ويهي رهيو آهي، اهڙيون حالتون رهيون ته نه ماڻهو سيڙپڪاري ڪندا ۽ نه ئي ڪمرشل بئنڪون قرض ڏينديون، ملڪ اندر ڪا به سيڙپڪاري نه ٿيندي، ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، اسان جي دور ۾ نوڪريون ملي رهيون هيون، هتي ليبر ۽ مزدور نه ملي رهيا هئا اڄ اها انڊسٽري هڪ سيڪڙو تي اچي پهتي آهي، معيشت 6 سيڪڙو تي گروٿ ڪري رهي هئي اڄ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، اڄ هاري رستن تي آهن، اسان هارين کي پئڪيج ڏنو ۽ يقيني بڻايو هو ته انهن جي آمدني وڌي، جڏهن انهن وٽ منافعو آيو ته انهن زمين تي پئسو لڳايو ۽ 4 بمپر فصل لٿا هئا، اسان جي دور ۾ ڊيزل ۽ پيٽرول 150 رپين تي هو، جيتوڻيڪ ان وقت عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت 150 کان 110 ڊالر في بيرل هئي، اڄ 80 ڊالر تي آهي پر اڄ ڊيزل 235 ۽ پيٽرول 225 تائين پهچي ويو آهي، اسان جي دور ۾ ڊالر 178 تي هو اڄ مارڪيٽ ۾ 250 تي ڊالر نه پيو ملي، ملڪ ۾ 50 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي ٿي آهي، جنهن سبب اسٽريٽ ڪرائيم به وڌي ويو آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان کي ته ڪو نقصان نه پيو ٿئي، گاريون ته حڪمرانن کي ملي رهيون آهن پر ملڪ هيٺ ويهندو پيو وڃي، جيڪڏهن اسان هاڻي ملڪ ۾ چونڊن نه ڪرائينداسين ته سياسي استحڪام نه ايندو، جيستائين سياسي استحڪام نه ايندو معيشت سگهاري نه ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button