پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ لڳ ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي، ٻارڙو فوت، 20 ماڻهو زخمي

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ويجھو حادثي ۾ 4 ورھين جو معصوم ٻارڙو فوت ٿي ويو. عورتن ۽ ٻارڙن سميت 20 ماڻهو زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب عمرڪوٽ ويجهو رتنور روڊ تي 10 نمبر تلا ويجهو ٽا راڊ ٽٽڻ سبب ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن سبب ٽرالي ۾ سوار 4 سالن جو ٻارڙو راهول ڀيل فوت ٿي ويو. حادثي ۾ 10 سالن جي امينت، 30 سالن جي لڇمي، 5 ورھين جو پرديپ، 10 ورھين جي ھريان، ٽاڀو ڀيل، نهال ڀيل، پريمي ڀيل، اندران ۽ سمجهون ڀيل سميت 20 عورتون ۽ ٻارڙا زخمي ٿي پيا. اطلاع ملندي ڀرپاسي جا سوين ماڻھن ۽ پوليس حادثي واري ھنڌ پھچي فوتي ٻارڙي جي مڙھه ۽ زخمين کي کڻائي سول اسپتال عمرڪوٽ پُھچايو، جتان سمجھو زال ھرکو ڀيل کي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ سبب حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب ٽريڪٽر ٽرالي ۾ سوار 25 ماڻهو ڀيل برادري جا فرد آھن ۽ ڳوٺ سريواري جا رهواسي آهن، جيڪي ٿر جي ڳوٺ ڪمراڙ ڀرسان زيارت لاءِ وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button