اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان پنهنجي اقتدار لاءِ ملڪي بنياد به ڪمزور ڪري سگهي ٿو. عمران خان جي تازي بيان تي ردعمل ڏيندي وزيراعظم چيو ته عمران خان جو تازو بيان پارلياماني جهموريت تي حملن جو تسلسل آهي. عمران خان جي سياست جو مقصد اقتدر ۾ پنهنجو رستو ٺاهڻ آهي، ڀلي پوءِ ملڪ جا بنياد ڪمزور ٿي وڃن. هن چيو ته عمران خان جو بيان جو مطلب اِهو آهي ته هن ملڪ جي بنيادن کي ڪمزور ڪرڻ آهي. ٻئي طرف ڪالهه سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته هزارين سالن کان سنڌ جي تهذيب نه رڳو خطي پر انسانيت جي تهذيب ۾ پنهنجي ثقافت سان سونهن جو رنگ ڀريندي پئي اچي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته باب السلام سنڌ جو ثقافت ڏينهن پاڪستان ۾ وفاق جي هڪ ٿنڀ جي خوبصورتي اجاگر ڪرڻ جو ڏينهن آهي. وزيراعظم چيو ته آئون سمورن سنڌي ڀائرن کي هن ڏينهن تي اڻڳڻيون مبارڪون ڏيان ٿو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close