پاڪستانسنڌ

مخدوم بلاول لڳ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 نوجوان فوت، هڪ زخمي

دادو: مخدوم بلاول ڀرسان موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن سبب 3 نوجوان موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، حادثي ۾ هڪ نوجوان زخمي ٿي پيو. ان سلسلي ۾ دادو ڀرسان مخدوم بلاول ٿاڻي جي حد انڊس هائي وي تي تيز رفتار ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن سبب 2 نوجوان موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال دادو منتقل ڪيو، فوتين ۾ احمد جمالي ۽ محمد صديق آرائين شامل آهن. جڏهن ته زخمين ۾ عمر جمالي ۽ مٺل آرائين شامل آهن. فوتي احمد جمالي ۽ زخمي عمر جمالي جو تعلق جوهي جي ڳوٺ الهبچايو جمالي سان ٻڌايو پيو وڃي. ٻئي فوتي صديق آرائين ۽ زخمي مٺل آرائين جو تعلق جوهي جي ڳوٺ بهاولپور سان آهي. پوليس موجب صديق ۽ مٺل آرائين دادو کان واپس ڳوٺ وڃي رهيا هئا، احمد ۽ عمر جمالي ڳوٺ کان دادو اچي رهيا هئا ته تيز رفتار موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿيو، ضروري ڪارروائي بعد فوتين جا لاش وارث اباڻي ڳوٺن ڏانهن کڻائي ويا، زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي عمر پٽ صديق جمالي زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button