ڊگھڙي: ڊگهڙي ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ ثقافتي تقريبون ڪوٺايون ويون. ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جي مک تقريب پريس ڪلب اڳيان ٿي، جتي عوامي تحريڪ جي ضلع صدر اميربخش جروار، سماجي اڳواڻ روشن علي شاھه، اديب اقبال بلوچ، ن ليگ اڳواڻ چوڌري نويد گل، خان پبلڪ اسڪول جي ريلي ۾ خان محمد درس، خير محمد چانڊيو، اياز حسين شالماڻي، فدا نوحاڻي، جيرام ميگهواڙ، شاهھ محمد ڪلوئي، ڊاڪٽر جلال ڪنڀار سميت مختلف سڄان ڌريون ريلين ۽ وفد جي صورت ۾ مک تقريب ۾ پهتا. ان موقعي تي اڳواڻن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي مارو ماڻھن جي چهرن تي اداسي ڇانيل هئي ته ان وقت سنڌي ميڊيا ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جو هڪ نئون دڳ ڏسيو. جٽ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي اڳواڻ علي سنگهيڙا طرفان مين پرائمري اسڪول ۾ شاندار تقريب ڪوٺائي ڏهاڙو ملهايو ويو. تقريب جو مهمان خاص اڳوڻو تعلقي ناظم مير زاهدحسين خان ٽالپر هو. معزز مهمانن ۾ حاجي خالد آرائين، آصف جٽ، اڳوڻو ڊي ايڇ او ڊاڪٽر انورالدين کتري، ڊاڪٽر الياس جٽ ۽ رائو حسن عقيل هئا. تقريب ۾ تقريرن ذريعي سنڌ جي ثقافت تي روشني وڌي وئي. سيف جي تعاون سان هلندڙ غلام حيدر لغاري ايليمينٽري اسڪول ڪنگورو شاخ ۾ شاندار تقريب ڪوٺائي ڀيٽا پيش ڪئي. تقريب جو مهمان خاص سيف ميرپورخاص جو ڊائريڪٽر غلام مرتضى قائمخاني هو، ٻارڙن وچ ۾ شاعري جا مقابلا ڪيا ويا. پرنسپال جهان آرا لغاري، راهو مل، تابش لغاري ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪيو. ڪنگورو شاخ اسٽاپ تي غلام حيدرلغاري، مسلم لغاري، ڊاڪٽر عزيز سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارن ۽ موٽرسائيڪلن تي ريلي ڪڍي وئي. مريم فائونڊيشن ڪيمپس ايليمينٽري اسڪول فقير عبدالڪريم ۾ پڻ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ٽيبلوز ۽ تقريرون پيش ڪيون. اسڪول جي آپريٽر صائمه جميل، هيڊماستر لالچند ۽ ٻين خطاب ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close