پاڪستانعالمي

اڳوڻي حڪومت کان ورهايل ۽ مسئلن وارو پاڪستان ورثي ۾ مليو:بلاول ڀٽو

دوها/ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ/اين اين آ)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جي حڪومت کي اڳوڻي حڪومت کان ورهايل پاڪستان ورثي ۾ مليو، ڏيوالپڻي تائين پهتل معيشت ملي ۽ اهڙي ئي پرڏيهي پاليسي ملي جنهن اسان کي دنيا ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو. ان کانسوا ڏيهي ۽ پرڏيهي مسئلا پڻ ورثي ۾ مليا. اهڙو اظهار هن پرڏيهي ميڊيا الجزيرا کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته اسان هڪ يونٽي حڪومت آهيون، اسان جيڪي حڪومت ۾ آهيون سي مختلف خيالن وارا آهيون پر ملڪ جي لا اسان گڏجي اڳتي وڌي رهيا آهيون. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته جڏهن عام چونڊون ٿيون ته اسان اتحادين سان سيٽ ٽو سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي ڳالهائينداسين. اسان اڳوڻي حڪومت جي مليل مسئلن کي للڪار ڪري ورتو آهي ۽ گڏجي اهي مسئلا حل ڪرڻ ڏانهن وڌي رهيا آهيون. پاڪستان کي جيڪي مسئلا درپيش آهن، اهي ڪا هڪ پارٽي يا ڪو هڪ فرد حل نٿو ڪري سگهي. ٻئي طرف پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري طرفان ثفاقتي ڏهاڙي اهم پيغام جاري ڪيو ويو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته موهن جو دڙو تهذيب سنڌي ثقافت جي ماءُ آهي. بلاول ڀٽو زرداري موجب اجرڪ، ٽوپي، لوڪ ادب، موسيقي ۽ سنڌي کاڌا منفرد سڃاڻپ رکن ٿا، نوجوان ثقافت کي دنيا ۾ جديد طريقي سان اجاڳر ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن. اڳوڻي آصف زرداري چيو آهي ته مهذب قومون پنهنجي ثقافت، تهذيب ۽ ٻولي کي ڪڏهن به نه وسارينديون آهن. سنڌ واسين پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت کي سدائين مٿانهون رکيو آهي، انهن ڌرتي لاءِ جان ڏيندڙ شهيدن کي ڪڏهن به ناهي وساريو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ واسي ثقافت کي زنده رکڻ سان گڏ ڌرتي تي شدت پسندي کي وٿي نه ڏين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button