پاڪستانسنڌ

ٿرڙي محبت ۾ ثقافت جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ شاندار ريلي ڪڍي وئي

ٿرڙي محبت: ٿرڙي محبت ۾ ثقافت جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ شاندار ريلي ڪڍي تقريب منعقد ڪئي وئي. ريلي ۾ معصوم ٻارڙن، شاگردن، استادن، سياسي سماجي اڳواڻن، سول سوسائٽي جي ماڻهن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري سنڌ سان محبت جو اظهار ڪيو. ريلي پريس ڪلب کان شروع ٿي جيڪا شهر جي مُک چانڊيه چوڪ وٽ پهتي. جتي اجرڪ ۽ ٽوپيون پارائڻ واري شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب کي پ پ اڳواڻ شاهد خان سهول، قادر چانڊيو، عبدالفتاح وئنس ۽ ٻين خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button