پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ بينڪ ملازم جي قاتلن جي گرفتاري لا ريلي

ميهڙ: ميھڙ ۾ وڌنڌڙ بدامني ۽ ڦر دوران مزاحمت تي گوليون هڻي قتل ڪيل بئنڪ ملازم سعيد شيخ جي قاتلن جي گرفتاري لا ميھڙ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ سعيد احمد پنھور جي سڏ تي وڪيل برادري ايڊووڪيٽ انور ساھڙ، ايڊووڪيٽ نجيب احمد مھيسر، ايڊووڪيٽ امجد حسين ٻلھڙو، رياض ڏيرو، ايڊووڪيٽ اياز شاھه، ايڊووڪيٽ عبدالخالق ٻگھيو، ايڊووڪيٽ عابد ڪلھوڙو، ايڊووڪيٽ محمد علي ڪانڌڙو، ايڊووڪيٽ ياسين اشرفي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عدالتي بائيڪاٽ ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مظاھرين آزاد پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ميھڙ شھر جيئن ته افغانستان لڳو پيو آھي، شهر کي ڦورن، ڌاڙيلن ۽ چورن جي حوالي ڪيو ويو آھي، ھر روز ڦرون، چوريون ۽ ڌاڙا لڳن ٿا پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آھي، سري عام شھر ۾ بئنڪ ملازم سعيد شيخ کي ڦر دوران گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو آھي. جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. پوليس انتظاميا کي چتا ٿا ڏيون ته فوري طور تي ميھڙ شھر جو امن امان بحال ڪيو وڃي ۽ شھرين کي تحفظ ڏئي بيچني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button