پاڪستانعالمي

نواز شريف جا چونڊن کان اڳ ڏيهه واپسي جا سانباها، وڪيلن سان مشورو مڪمل

مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف ملڪ واپس اچڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. نواز ليگ جي ويجهن ذريعن مطابق پارٽي اڳواڻ نوازشريف جو ايندڙ چونڊن کان اڳ ملڪ واپسي جو پروگرام طئي ٿي چڪو آهي. هن نئين اڳڀرائي طور پارٽي کي هدايت ڪئي آهي ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان پنجاب ۽ پختونخوا اسيمبليون ٽوڙي ٿو ته اتي آئين موجب 90 ڏينهن اندر نيون چونڊون ڪرايون وڃن، صوبائي چونڊن جي اليڪشن مهم هو پاڻ پاڪستان واپس اچي هلائيندو. اهڙي صورتحال ۾ نوازشريف ڪنهن به وقت پاڪستان اچي سگهي ٿو، ان سلسلي ۾ هن پنهنجي وڪيلن سان به صلاح مشورا ڪري ورتا آهن سندس اچڻ کان پوءِ فوري طور تي عدالتن ۾ سندس سزائن تي ٻڌڻي هيٺ نظرثاني اپيلن جي پيروي شروع ڪئي ويندي. شريف ڪٽنب فيملي جي انتهائي ويجهو رهندڙ ذريعن موجب اعليٰ سطح تي اهو فيصلو ٿيو آهي ته نواز شريف هاڻ ملڪ جي سياست کان پري نه رهندو ۽ پنهنجن پارٽي ۽ حامين جي ايندڙ چونڊن ۾ رهنمائي ڪندو، نوازشريف جي ملڪ واپسي جي صورت ۾ مريم نواز وقتي طور تي لنڊن ۾ ئي ترسندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button