پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ ثقافتي ڏهاڙو،نوجوانن جو قومي گيتن تي رقص

حيدرآباد: حيدرآباد جي علائقي ڪرشنا وليج ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو، جنهن ۾ اڳوڻو ڊي جي هيپاٽائيٽس ڊاڪٽر عبدالمجيد ڇٽو، رميش ڪمار، سيف سميجو، غلام نبي ڇٽو، شهمير خان ڇٽو، سليم احمد ڇٽو، حاجي عبدالڪريم ڇٽو، حاجي محمد غازي ڇٽو، گلڻ خان ڇٽو، غلام حسين ڇٽو، حيدر وفا ڇٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر عبدالمجيد ڇٽو ۽ ٻين چيو ته سنڌي ثقافت 5 هزار سال قديم آهي، سنڌي هميشه مهمان نواز رهيا آهن، سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو اسان قومي عيد طور ملهائيندا آهيون. هن چيو ته اسان کي تعليم تي به ڌيان ڏيڻو پوندو، جيئن سنڌ سنواري سگهجي، ٻني وٺڻ کان بهتر ٻارن کي تعليم ڏيارڻ گهرجي، اسان جي نوجوانن جي ٽيم سنڌ جي جهرجهنگ ۾ گهر گهر وڃي برسات متاثرن جي مدد ڪئي، جنهن تي جس لهن، جڏهن ته نوجوانن ٽوپيون ۽ اجرڪ پائي سنڌ جي قومي گيتن تي رقص ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button