پاڪستانسنڌ

ڇاڇرو لڳ پورهيت جي گهر کي باهه، لکين رپين جو سامان رک

ڇاڇرو: ڇاڇرو ويجهو ڳوٺ ڇڇي جوڻيجا ۾ رڌپچا دوران غريب پورهيت خدابخش پٽ ساوڻ جوڻيجو جي ڪکاوان گهر کي باھه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڪکاوان چوئنرا ۽ هڪ ڪکائين لانڍي ۾ ۾ کاڌي پيتي جو سامان، کٽون، بسترا، ڪپڙا، زيور، 3 لک رقم، ضروري ڪاغذ ۽ ٻيو سامان رک ٿي ويو. باھه متاثر خاندان جو چوڻ آهي ته تازو ٻني جو فصل وڪرو ڪيو هو، جنهن جي 3 لک رپيا رقم گهر ۾ رکيل هئي، باهه گهر سميت سڄو سامان ساڙي ڇڏيو، جنهن جي ڪري ٿڌ ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون. هنن انتظاميا کان گهر ڪئي ته اسان کي گهر ٺهرائي ڏئي مالي مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button