پاڪستانخيبرپختونخوا

ناڪاميون لڪائڻ لاءِ اسيمبليون ٽوڙڻ جي ڳالهه ٿئي پئي: فضل الرحمان

پشاور: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آھي ته جنھن سان اسان ڳالھائڻ نٿا چاھيون، اھو اسان کي چئي پيو ته ڳالهيون ڪريو. مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ٽي آءِ ناڪاميون لڪائڻ لاءِ اسيمبليون ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي، ڊسمبر جي تاريخ ڄاڻو، اڄ هڪ ٻيو نيازي 16 ڊسمبر جي ياد ڏياري رهيو آهي. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملڪ هن وقت وڏن بحرانن کي منهن ڏئي رهيو آهي، گذريل 4 سالن ۾ جنهن طريقي سان تباهه ٿيو، ان کي ٻيهر بحال ڪرڻ اسان لا وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته عالمي ادارو پاڪستان کي معاشي طور ڪمزور ڪرڻ جي پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف قسطن جي ادائيگي تي نيون شرطون لڳائي رهيو آهي، اسان اشارن ۽ حڪمن تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون. هن چيو ته هن وقت خيبرپختونخواهه ڏيوالو نڪري چڪو آهي، ايم ايم اي جي حڪومت دوران خيبرپختونخواهه تي 78 ارب جو قرض هو، اي اين پي جي حڪومت کانپوءِ 117 ارب ۽ هاڻي پي ٽي آءِ حڪومت جو قرض 1000 ارب تائين پهچي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button