پاڪستانخيبرپختونخوا

ڊي آئي خان ۾ ڪارروائي، ٽي ٽي پي جا 3 دهشتگرد مارجي ويا

ڊيرا اسماعيل خان: سي ٽي ڊي، انٽيليجنس ادارن ۽ سيڪيورٽي فورسز مقامي پوليس سان گڏجي ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي درابن ٿاڻي جي حد ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا آهن. گره مستان جي ڳوٺ ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي فورسز ڪارروائي ڪئي ته دهشتگردن سيڪيورٽي اهلڪارن تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا. پوليس موجب مارجي ويلن جي سڃاڻپ منيب، جنيد ۽ شوڪت طور ٿي آهي، جن جو تعلق تحريڪ طالبان پاڪستان گنڊاپور گروپ سان آهي. مارجي ويل جوابدار دهشتگردي جي مختلف وارداتن ۾ ملوث هئا. سندن قبضي مان ڪلاشنڪوف، ٻه پستول، دستي بم ۽ موبائل فون هٿ ڪيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button