پاڪستانپنجاب

پنجاب جي وزيرن جي پگهارن، الائونسز ۽ مراعتن جو بل منظور

لاهور: پنجاب اسيمبلي گورنر طرفان واپس موڪليل وزيرن جي پگهارن، الائونسز ۽ مراعتن جو ترميمي بل ٻيهر منظور ڪري ورتو آهي. پنجاب اسيمبلي جو اجلاس 2 ڪلاڪ 18 منٽ دير سان شروع ٿيو، جنهن بعد اڳوڻي سينيٽر نجمه حميد جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. اپوزيشن ميمبر طاهر خليل سنڌو 18 اپوزيشن ميمبرن جي معطلي جي شڪايت ڪئي ته اسپيڪر پارلياماني معاملن واري وزير سان گڏ ويهڻ جي تجويز ڏني. پرائمري هيلٿ ڪيئر ڊپارٽمينٽ جي سوالن جي وقفي ۾ سوال اٿاريندڙ غير حاضر رهيا، لاهور مان اختر علي بانو جي سوال تي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر اختر ملڪ چيو ته غازي آباد ۽ لاهور جي ٻين علائقن ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ ختم ڪئي ويندي. ايوان معذورن جي خودمختياري وارو بل، متحده علماءِ بورڊ بل، پنجاب ٽرسٽ ترميمي بل ۽ صوبائي موٽر وهيڪل ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪيا، جڏهن ته ايوان گورنر پاران واپس موڪليل وزارتي پگهارن، الائونسز ۽ مراعتن وارو ترميمي بل به منظور ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button