پاڪستانپنجاب

“اليڪشن ڪرايو ملڪ بچايو” پي ٽي آئي جو ريليون ڪڍڻ جو فيصلو

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف عام چونڊن لاءِ وفاقي حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت اڄ کان “اليڪشن ڪرايو ملڪ بچايو” مهم جي سلسلي ۾ ريليون شروع ڪيون وينديون. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ منظوري کانپوءِ چونڊ ريلين جو شيڊول به جاري ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ مهانگائي، انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ انصاف جي فراهمي جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. لاهور ۾ “اليڪشن ڪرايو ملڪ بچايو” مهم جي پهرين مرحلي ۾ 11 ڏينهن ريليون ڪڍيون وينديون. انهن ريلين جي اڳواڻي پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت ڪندي. ذريعن موجب حماد اظهر جي تڪ ۾ چونڊ مهم جي پهرين ريلي 7 ڊسمبر تي نڪرندي. 8 ڊسمبر تي ٻي ريلي ملڪ ڪرامت کوکر ۽ ٽين ريلي 9 ڊسمبر تي شفقت محمود جي تڪ ۾ نڪرندي. شيڊول موجب 10 ڊسمبر تي سينيئر صوبائي وزير ميان اسلم اقبال ۽ 11 ڊسمبر تي صوبائي اسيمبلي ميمبر ميان اڪرم عثمان جي تڪن ۾ ريليون نڪرنديون. 12 ڊسمبر تي ميمبر صوبائي اسيمبلي نديم عباس بارا، 13 ڊسمبر تي ميمبر صوبائي اسيمبلي شبير گجر، 14 ڊسمبر تي صوبائي وزير مراد راس ۽ 15 ڊسمبر تي ميمبر صوبائي اسيمبلي ظهير عباس کوکر جي تڪن ۾ ريليون ڪڍيون وينديون. 16 ڊسمبر تي ميمبر قومي اسيمبلي سرفراز کوکر ۽ 17 ڊسمبر تي صوبائي وزير ميان محمود الرشيد جي تڪ ۾ ريلي ڪڍي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button