پاڪستانسنڌ

نفيس نگر مان گرفتار ڪيل 2 عورتون ضمانت تي آزاد

نفيس نگر: نئون ڪوٽ ۽ نفيس نگر پوليس پاران بيوه رضيه گرگيز ۽ جمعو گرگيز جي گهرن تي چڙهائي ڪري ٻن عورتن سميت 7 ماڻهن کي گرفتار ڪري 2 گهر ڊاهڻ واري معاملي بعد پوليس عورتن کي عدالت ۾ پيش ڪيو، ڊگهڙي جي عدالت ٻنهي عورتن کي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو. هوڏانهن نفيس نگر ۾ بيوه رضيه گرگيز صحافين اڳيان انصاف لا دانهون ڪيون. هن چيو ته نفيس نگر پوليس ۽ جهڏو جي روينيو عملدارن گڏجي مون بيوه عورت سان وڏو ظلم ڪيو آهي، ڄاڻايل زرعي زمين منهنجي آهي، جنهن جي رجسٽري موجود آهي. بااثر عدنان آرائين تپيدارن سان ملي ڀڳت ڪري لکين رپيا رشوت ڏئي ڪوڙو کاتو ٺهرايو آهي. هن ميرپورخاص بار جي وڪيلن توڙي سياسي سماجي ڌرين کي اپيل ڪئي ته منهنجي قانوني مدد ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button