پاڪستانسنڌ

مسڻ ۾ ثقافتي تقريب، رٽائرڊ استاد کي ڀيٽائون

مسڻ وڏي: يوسي مسڻ جي ڳوٺ قاضي نور محمد لغاري جي گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول مان رٽائرڊ ٿيل انچارج هيڊ ماستر محمد عمر سميجو کي الوداع ڪرڻ سان گڏ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لا تقريب رکي وئي ۽ استاد جي 60 هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. تقريب ۾ شاگردياڻي نرملا ديوي، مبينه کوسو، شاگرد فيض محمد ملاح، رضوانه گهانگهلو ۽ محمد حارث لغاري رٽائرڊ استاد کي زبردست ڀيٽا پيیش ڪئي. ان موقعي تي شاگردياڻين ۽ شاگردن ثقافت جي حوالي سان مزاحيه خاڪا پيش ڪيا ۽ سنڌي گيتن تي رقص ڪيو. تقريب کي حسين بخش خميساڻي، شاعر ۽ محقق خليل کوسو، شاعر ۽ محقق عاصي عبدالواحد ھڪڙو ۽ جھوني سگھڙ غلام قادر لغاري خطاب ڪندي چيو ته اسان سرڪاري استادن تي فخر ٿا ڪريون ته سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد ئي آئي بي اي ٽيسٽ پاس ڪري استاد ڀرتي ٿيا آهن. سمورن استادن ۽ مقررن تعليم جي شمع روشن ڪندڙ مولوي عبدالڪريم لغاري ۽ مولوي محمد اسماعيل لغاري جي خدمتن کي ساراهيو. تقريب ۾ رٽائرڊ استاد محمد عمر سميجو خطاب ڪندي چيو ته تقريب ڏسي خوشي ٿي رهي آهي ته منھنجي محنت ضايع نه ٿي آهي. تقريب ۾ خاص مھمان ٽي اي او ايليمينٽري نياز حسين لغاري، گسٽا ٽنڊوالهيار جي صدر ميھار خاصخيلي، جنرل سيڪريٽري عبدالرزاق بوزدار، نديم خانزادہ، اڳوڻي چيئرمين حاجي محمد صديق سميجو، مولوي رياض احمد لغاري، محمد خان لغاري، ناصر حسين لغاري، هيڊ ماستر ڌڻي بخش لغاري، محمد علي ڏگو، ايس ايم سي چيئرمين گوھر لغاري، سحر لغاري، زاهد علي ملڪ، عبدالحمیيد نوهڙي، بشير، سانول، استاد پرڪاش، گيانچند، ارجڻ ميگھواڙ، شھباز سميجو، شھزاد سميجو ۽ رياض لغاري شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button