اسلام آبادپاڪستان

پرويز الاهي فيصلن ۾ بااختيار، پنجاب ڪابينا ۾ واڌ، عمران خان ڪاوڙجي پيو

تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان پنجاب ڪابينا ۾ واڌ کان اڻڄاڻائي ۽ ناراضگي ظاهر ڪئي آهي، سندس پارٽي جو ميمبر خيال ڪاسترو صوبائي وزير بڻجي ويو. تفصيل موجب پنجاب حڪومت ڪابينا ۾ واڌ ڪئي آهي، تحريڪ انصاف جي ميمبر خيال احمد ڪاسترو کي صوبائي وزير بڻايو ويو، جنهن حلف پڻ کڻي ورتو آهي. حلف برداري واري تقريب گورنر هائوس لاهور ۾ ٿي جنهن ۾ وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي گورنر بليغ الرحمان نئين صوبائي وزير خيال احمد ڪاسترو کان حلف ورتو. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري عبدالله سنبل، صوبائي وزير بشارت راجا، مختلف کاتن جا سيڪريٽري ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر پڻ موجود هئا. هوڏانهن زمان پارڪ ۾ تحريڪ انصاف جي هڪ سينيئر اڳواڻ اعتراض ڪيو ته اڄ صوبائي ڪابينا ۾ واڌ ٿي آهي، ائين نه ٿيڻ گهرجي ها. جڏهن ته عمران خان خيال ڪاسترو جي وزير بڻجڻ تي اڻڄاڻائي ظاهر ڪندي چيو ته مون کي خبر به ناهي ته اوهان وزير بڻجي رهيا آهيو، مون سمجهيو ته ڪنهن کاتي جي سربراهي ڏيڻي آهي، وزير بڻيا آهيو ته ٺيڪ آهي ڪا ڳالهه ناهي، پر اوهان جي وزير بڻجڻ سان اسان جي موقف کي نقصان پهتو آهي. واضح رهي ته تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جو صوبائي اسيمبليون جلد ٽوڙڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button