
پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڏني ۽ کيس خراج عقيدت پيش ڪيو. آرمي چيف گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. آءِ ايس پي آر مطابق بعد ۾ آرمي چيف ڪور هيڊڪوارٽر ڪراچي جو دورو ڪيو جتي هن آپريشنل، سيڪيورٽي ۽ فارميشن جي ٻين معاملن سميت سنڌ ۾ تازين قدرتي آفتن دوران سول انتظاميا جي مدد بابت بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف آپريشنل تيارين ۽ ٻوڏ دوران سنڌ جي ماڻهن تائين فوري طور پهچڻ تي فوج ۽ رينجرز جي جٿن جي ڪاوشن کي ساراهيو. آرمي چيف ڪراچي ۾ سيڪيورٽي ۽ محفوظ ماحول کي برقرار رکڻ لاءِ فارميشن، لاڳاپيل ادارن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي تعريف ڪئي. ان کان اڳ ڪراچي پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل محمد سعيد آرمي چيف جي آجيان ڪئي.