بلوچستانپاڪستان

ڪوئيٽا ۾ شهيد بينظيرڀٽو جو مجسمو هٽايو ويو، ٻيهر ٺهرائڻ جو مطالبو

بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا ۾ اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جو پارڪ اندر لڳايل مجسمو صحيح نموني نه ٺاهڻ ۽ پسند نه اچڻ تي جيالن هٽائي ڇڏيو آهي. خانگي ٽي وي چئنل جي رپورٽ مطابق بلوچستان ۾ پيپلز پارٽي جي صوبائي قيادت بينظير پارڪ جي انتظاميا کان شهيد بينظير ڀٽو جو نئون مجسمو ٺاهي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. واضح رهي ته ڪوئيٽا جي بينظير پارڪ ۾ پيپلز پارٽي جي اڳوڻي چيئر پرسن جو لڳايل مجسمو جيالن کي پسند نه آيو هو، پ پ ڪارڪنن جو چوڻ هو ته اهو مجسمو ڪنهن سيکڙاٽ ۽ ناتجربيڪار آرٽسٽ کان ٺهرايو ويو آهي، تنهن ڪري محترمه بينظيرڀٽو جي شخصيت جي صحيح نموني عڪاسي نٿو ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button