پاڪستانسنڌ

جهول ۾ چنگچي مٿان ٽريڪٽر ٽرالي چڙهي وئي، ما پٽ فوت

جھول: جھول ۾ چنگچي ڦٽي مٿان ٽريڪٽر ٽرالي چڙهي وئي، ما پٽ چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، حادثي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 10 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. ان سلسلي ۾ جھول ٿاڻي جي حد ميرپورخاص-سانگهڙ روڊ تي ڪراچي بس اسٽاپ لڳ چنگچي ڦٽي رڪشا مٿان پويان کان ايندڙ تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي چڙهي وئي، جنهن سبب عورت مريم بيبي ۽ سندس ٻن سالن جو معصوم ٻالڪ چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، حادثي ۾ ثميره بيگم، عائشه بيگم، ممتاز بيگم، عارف علي، ياسين، سعيد احمد، عادل ۽ وڪيل احمد سميت 10 کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻارڙا زخمي ٿي پيا، جن کي رهواسين پهچي کڻايو ۽ سول اسپتال منتقل ڪيو، حادثي جي اطلاع تي پوليس سول اسپتال سانگهڙ پھچي فوتين جا لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي بعد اباڻي ڳوٺ روانا ڪيا، جتي لاش پھچڻ تي سندن گھرن ۾ ڪھرام مچي ويو. ٻئي طرف ٽريڪٽر ٽرالي جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو. پوليس ٽريڪٽر ٽرالي پنهنجي تحويل ۾ ورتي. حادثي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button