پاڪستان

توهين عدالت معاملو: اسد عمر هاءِ ڪورٽ کان غير مشروط معافي گهري ورتي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪرٽري جنرل ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر عدالت کي تنقيد جو نشانو بنائڻ تي لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ کان غير مشروط معافي گهري ورتي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر کي جاري توهين عدالت نوٽيس ڪيس جي شنوائي دوران اسد عمر عدالت کان غير مشروط معافي گهري ورتي. اسد عمر روسٽرم تي اچي چيو ته جيڪڏهن منهنجي تقرير مان ڪا لائن ڪراس ٿي آهي ته مان عدالت کان غير مشروط معافي گهران ٿو جنهن تي عدالت لانگ مارچ ۽ ڌرڻي خلاف درج سموريون درخواستون اڪلائي ڇڏيون. لانگ مارچ دوران روڊن ۽ تعليمي ادارن جي بندش خلاف پي ٽي آءِ خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻيءَ دوران عدالت ايڊيشنل رجسٽرار جي درخواست تي 26 نومبر تي راولپنڊي ۾ پي ٽي آءِ سيڪريٽري جنرل اسد عمر جي عدليا کي تنقيد جو نشانو بنائڻ تي نوٽس وٺندي اسد عمر کي طلب ڪيو هو. ٻڌڻيءَ هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ جي جسٽس جواد حسن ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button