بلوچستانپاڪستان

بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير نواب اسلم رئيساڻي جي يو آئي (ف) ۾ شامل

بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي جمعيت علما اسلام (جي يو آ) ۾ شموليت اختيار ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسلم رئيساڻي ماضي ۾ پيپلز پارٽي ۽ آزاد حيثيت ۾ چونڊون وڙهندو رهيو آهي. هن مختلف قبائلي اڳواڻن سان گڏ مولانا فضل الرحمان جي موجودگي ۾ جي يو آ جوائن ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته منهنجو جي يو آ (ف) سان پراڻو دوستاڻو ناتو رهيو آهي، هاڻي بلوچستان ۾ پارٽي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ڪوشش ڪندس. ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسلم رئيساڻي سان هي منهنجي پهرين ملاقات ناهي، منهنجي ماضي ۾ به اها ڪوشش هئي ته اسلم رئيساڻي اسان سان گڏ هلي، بلوچستان ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ لا محنت ڪرڻي پوندي، صوبي ۾ مسئلن جا انبار آهن، جيڪي گڏجي حل ڪرڻا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button