اسلام آبادپاڪستان

حڪومت ۽ پي ٽي آ وچ ۾ رابطا وڌائڻ جي ڪوشش،ناڻي وزير جي صدر سان ٽيون ڀيرو ملاقات

اسلام آباد :وفاقي حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) وچ ۾ ڳالهيون اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش جاري آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه ناڻي واري وزير اسحاق ڊار صدر عارف علوي سان ڪجهه ڏينهن ۾ هي ٽيون ڀيرو ملاقات ڪئي آهي. سينيٽر اسحاق ڊار ۽ صدر وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ، استعيفيٰ ڏيڻ ۽ سياسي ۽ اقتصادي معاملن تي ڳالهيون ٿيون. ان کانسواءِ عام چونڊن ۽ درآمدي بل گهٽائڻ لاءِ پنجاب ۽ ڪي پي سان سهڪار تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ذريعن موجب ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف معاهدي تي عمل ۽ سياسي استحڪام لاءِ به مخالف ڌر کان سهڪار طلب ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سمورن معاملن تي پي ٽي آءِ قيادت سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو واعدو ڪيو، ملاقات ۾ سڄي ملڪ ۾ بازارون شام ڇهه وڳي بند ڪرڻ وارو معاملو پڻ غور هيٺ آيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button