پاڪستانسنڌ

سرڪاري اسڪولن جي وزٽ لاءِ جڊيشل مئجسٽريٽ مقرر ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪاري اسڪولن جي زبون حالي بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت سيڪريٽري ڪاليجز، سيڪريٽري اسڪول اينڊ ايجوڪيشن کان بائيو ميٽرڪ سسٽم لڳائڻ بابت رپورٽ گهري ورتي. عدالت حڪم نامي ۾ چيو آهي ته سيشن ججز اسڪولن جي وزٽ لاءِ جڊيشل مئجسٽريٽ مقرر ڪن، سيشن ججز گرلز اسڪول ۽ ڪاليجز لاءِ في ميل مئجسٽريٽ کي مقرر ڪن. آئي جي سنڌ پوليس، ايس ايس پيز اسڪول، ڪاليجز ۽ يونيورسٽي جي وقتن ۾ پوليس پيٽرولنگ يقيني بڻائين، پوليس پيٽرولنگ جو مقصد تعليمي ادارن مان واپس گهر ويندڙ شاگردياڻين کي ڪوئي جيئن حراسان نه ڪري سگهي، جيڪڏهن ڪو اهڙي عمل ۾ ملوث هجي ته ان جي خلاف پوليس ڪارروائي ڪئي وڃي. عدالت شنوائي 13 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button