
ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ هيوي ٽريفڪ تي پابندي جي حڪم تي فوري عملدرآمد ڪرڻ جو وڏو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ ڏينهن جي وقت هيوي ٽريفڪ ۽ ان سبب حادثن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وڏو حڪم سامهون آيو آهي. عدالت شهر ۾ هيوي ٽريفڪ تي پابندي جي حڪم تي فوري عملدرآمد جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته صبح 6 وڳي کان رات 11 وڳي تائين شهر ۾ داخل ٿيندڙ هيوي ٽريفڪ کي روڪيو وڃي ۽ انهن وقتن ۾ شهر ۾ داخل ٿيندڙ هيوي گاڏين تي ڏنڊ نه پر انهن کي بند ڪيو وڃي. جسٽس نديم اختر ريمارڪس ڏنا ته رنڊڪ وجهڻ ۽ تعاون نه ڪندڙ ادارن بابت آگاهه ڪريو، جڏهن ته هوٽرز وارين گاڏين جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، اهي ايم اين اي يا ايم پي ايز جون ڇو نه هجن.