پاڪستانسنڌ

ڀائيٽي سان جنسي ڏاڍائي بعد قتل ڪندڙ چاچو ريمارنڊ تي پوليس حوالي

ڪراچي: ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر 12 ورهين جي ڀائيٽي سان جنسي ڏاڍائي کانپوءِ قتل ڪرڻ جي ڪيس ۾ جوابدار کي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس گرفتار جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو. جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار پنهنجي ئي ڀائيٽي سان جنسي ڏاڍائي ڪرڻ کانپوءِ ان کي گهٽو ڏئي ماري فرار ٿي ويو هو، جيڪو فرار ٿيڻ کان پوءِ علائقي ۾ ئي لڪي ويو هو. پوليس ٿڏي تي واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو ته شڪ تي ٻارڙي جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ روانو ڪيو. جڏهن ته پوسٽ مارٽم کانپوءِ اين ايل او رپورٽ ۾ زيادتي کانپوءِ قتل جي رپورٽ هاڪاري آئي. عدالت جوابدار کي 13 ڊسمبر تائين پوليس حوالي ڪندي ايندڙ شنوائي تي جاچ آفيسر کي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button