پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ ماءُ جي دڙڪن تي نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي لياري ۾ انٽر پاس شاگرد ماءُ جي دڙڪن تي ڳلي ۾ رسي وجهي ڦاهو کائي انت آڻي ڇڏيو. بغدادي جي علائقي لياري اٺ چوڪ حاجي پير محمد ويجهو گهر ۾ هڪ نوجوان جو ڦاهو لڳل لاش مليو. پوليس مطابق 18 ورهين جي نوجوان تازو ئي انٽر جو امتحان پاس ڪيو هو. فوتي جو وڏو ڀاءُ باسط علي سنڌ پوليس ۾ اي ايس آئي ۽ ڊي آئي جي ڏکڻ آفيس ۾ مقرر آهي. جڏهن ته ڀيڻويو عاطف شهزاد اينٽي انڪروچمينٽ فورس ۾ اي ايس آئي ۽ والد ايڪسائيز پوليس ۾ نوڪري ڪندڙ آهي، شروعاتي اطلاعن مطابق فوتي پنهنجي ڀيڻ جو موبائيل فون ڀڃي ڇڏيو هو، جنهن تي کيس ماءُ دڙڪا ڏنا ۽ هن مايوس ٿي پنهنجي ڪمري وڃي اندران دروازو بند ڪيو ۽ آپگهات ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button