پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ باهه ڏيڻ ۽ جھيڙي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ھڪ جوابدار 5 سال قيد جي سزا

ميھڙ: ميھڙ جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج سھيل پرويز قريشي جي عدالت باهه ڏيڻ ۽ جھيڙي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ھڪ جوابدار حسين بخش جتوئي کي 5 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آھي. عدالت جوابدار کي سزا ٻڌائڻ بعد جيل حوالي ڪري ڇڏيو آھي. جوابدار تي الزام ھيو ته ھن ميھڙ ڀرسان ڳوٺ يار محمد جتوئي ۾ پنھنجي چاچي ۽ سئوٽن سان جھيڙو ڪرڻ بعد زرعي فصل کي باهه ڏني هئي. واقعي جو ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي تي فريادي محمد عيسى جتوئي جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ٿيل ھيو، عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي سزا ٻڌائي ڇڏي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button