پاڪستانسنڌ

دادو ۾ ماسترياڻي کي حراسان ڪرڻ جو ايس ايس پي نوٽيس ورتو، اهلڪار معطل

دادو: دادو پوليس جي اهلڪار پاران ماسترياڻي کي مبينا جنسي حراسان ڪرڻ جو ايس ايس پي دادو نوٽيس ورتو، پوليس اهلڪار معطل ڪرڻ بعد ڪوارٽر گهاٽ ٿي ويو. خبر موجب دادو ۾ پوليس اهلڪار پاران ماسترياڻي کي مبينا جنسي حراسان ڪرڻ خلاف ماسترياڻي نيلي مريم ميمڻ دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي تي پهچي اهلڪار دلبر لنجار خلاف اين سي رپورٽ داخل ڪرائيندي ڄاڻايو ته پوليس اهلڪار دلبر لنجار دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪري رهيو آهي، اسڪول وڃڻ ۽ واپس اچڻ دوران پوليس اهلڪار دلبر لنجار پيڇو ڪري ٿو، پوليس اهلڪار دوستي نه رکڻ تان موتمار ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيو آهي. پوليس اهلڪار خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ماسترياڻي نيلي مريم ميمڻ جي اهڙي رپورٽ جو ايس ايس پي دادو نوٽيس وٺندي پوليس اهلڪار دلبر لنجار کي معطل ڪندي ڪوارٽر گهاٽ ڪري ڇڏيو.

ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو پاران جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو ويو ته معاملي جي محڪماڻي جاچ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، اهلڪار ڏوهي ثابت ٿيو ته محڪماڻي ڪارروائي ڪئي ويندي، ماسترياڻي کي تحفظ پڻ فراهم ڪيو ويندو، ٻئي طرف الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪار دلبر لنجار جو چوڻ آهي ته لڳايل الزام بي بنياد آهن، هن ماسترياڻي کي حراسان ناهي ڪيو ۽ نه ئي ان جو ڪڏهن پيڇو ڪيو آهي، هن چيو ته ماسترياڻي بليڪ ميل ڪري رهي آهي، هن چيو ته ماسترياڻي جو گهر ڀرسان آهي، هو منهنجي گهر تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي ۽ گهر خالي ڪرائڻ لاءِ ڊرامو ڪري رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button