اسلام آبادپاڪستان

ارشد شريف جي جوابدارن جي پاڪستان منتقلي تي غور ڪيون پيا:پرڏيهي وزارت

اسلام آباد :سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ پرڏيهي وزارت سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته قتل ڪيس جي جوابدارن جي پاڪستان منتقلي تي غور ڪيو پيو وڃي. عدالت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پرڏيهي وزارت ڪينيا ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ اٿارٽيز سان ڪيس جي جاچ ۽ ثبوت حاصل ڪرڻ سميت پاڪستاني مشن سان به مسلسل رابطي ۾ آهي. جواب ۾ چيو ويو آهي ته ارشد شريف قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي ڪينيا مان پاڪستان منتقلي تي به غور ڪيو پيو وڃي. گڏيل عرب امارتن کان شاهديون گڏ ڪرڻ ۽ قانوني مدد لاءِ گهرو وزارت کي درخواست موڪلي ڇڏي آهي. پرڏيهي کاتي اسپيشل جي آءِ ٽي سان هر ممڪن سهڪار ڪندو. پرڏيهي معاملن واري وزارت پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي وزيراعظم ڪينيا جي صدر سان به ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ جاچ ۾ مدد جي درخواست ڪئي. ڪينيا جي اختيارين سان رابطي سان جلد ئي مثبت نتيجا نڪرندا. پاڪستان ۾ ڪينيا جي هاءِ ڪميشن يقين ڏياريو آهي ته ثبوت گڏ ڪرڻ ۽ جاچ جاري آهي. ڪينيا هاءِ ڪميشن جلد حتمي نتيجا پاڪستان سان شيئر ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button