اسلام آبادپاڪستان

نيب طرفان اسحاق ڊار جا منجمد اثاثا بحال ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد : ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي وڏو رليف ڏيندي نيب عدالتي حڪمن جي روشني ۾ ان جي 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جا اڪائونٽس، ان جي لاهور ۽ اسلام آباد جي منجمد پراپرٽيز کي بحال ڪرڻ لاءِ مختلف بئنڪن ۽ کاتن کي خط لکي ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽ مطابق ان اڳڀرائي سان اسحاق ڊار به وفاقي حڪمران اتحاد جي انهن سياستدانن ۾ شامل ٿي ويو، جن کي ترميم ٿيل نيب قانونن تحت رليف مليو. (ن) ليگ جي سينيئر اڳواڻ بابت چيو وڃي ٿو ته هو لاهور ۾ پنهنجو پراڻو گهر واپس ملڻ تي گهڻو خوش آهي. ذريعن مطابق هڪ عهديدار ٻڌايو ته گلبرگ جي رهائشگاهه کان علاوه نيب پاران لاڳاپيل کاتن کي افلاح هائوسنگ سوسائٽي لاهور ۾ 3 پلاٽ، اسلام آباد ۾ 6 ايڪڙ زمين، پارليامينٽرينز انڪليو، اسلام آباد ۾ 2 ڪنال جو هڪ پلاٽ، سينيٽ ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي اسلام آباد ۾ هڪ پلاٽ، اسلام آباد ۾ 2 ڪنال ۽ 9 مرلي جو هڪ هڪ پلاٽ ۽ 6 گاڏيون به ڊي ٽيچ ۽ بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. 2019 ۾ عدالتي حڪمن کان پوءِ نيب جي درخواست تي کاتن انهن پراپرٽيز کي اٽيچ ۽ منجمد ڪيو هو. اسحاق ڊار کي 2017 ۾ سپريم ڪورٽ روپوش قرار ڏنو هو. جڏهن ته هو لنڊن ۾ موجود هجڻ جي ڪري سپريم ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيو هو کيس نيب پاران داخل ڪمائي کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ ۽ مني لانڊرنگ ريفرنس کي منهن ڏيڻو هو. احتساب عدالت ان جو گرفتاري وارنٽ هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ معطل ڪيو هو، جنهن کان پوءِ ان جي لنڊن مان وطن واپسي جو رستو سڌو ٿي ويو هو. هن اٽڪل 5 سال لنڊن ۾ پاڻمرادو جلاوطني ۾ گذاريا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button