تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ صدارتي نظام آڻڻ لا صوبن جو انگ وڌائڻو پوندو، جيستائين چونڊن ۾ هڪ ڀاڱي 3 اڪثريت نه ملندي تيستائين حڪومت نه وٺندس، اليڪشن ڪميشن مون کي نااهل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، فوج جي نئين سربراهه جنرل عاصم منير کي پراڻي آرمي چيف جي پاليسين تي نه هلڻ گهرجي. لاهور ۾ عمران خان پنهنجي صدارت هيٺ ٿيل تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن جي مشاورتي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين موجوده سياسي صورتحال ۽ اسيمبلين مان استعيفائن تي صلاح مشورا ڪيا. ڪجهه ميمبرن خدشو ظاهر ڪيو ته حڪومت اسيمبليون ٽوڙڻ تي عام چونڊون ملتوي ڪري سگهي ٿي، جنهن تي عمران خان چيو ته ان صورت ۾ حڪومت وٽ فوري طور عام چونڊون ڪرائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن ناهي هوندو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته وڏي وزير پرويز الاهي يقين ڏياريو آهي ته مان کيس جڏهن به چوندس هو اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندو. ٻئي طرف زمان پارڪ ۾ يوٽيوبرز سان ملاقات دوران ڳالهائيندي عمران خان چيو ته جنرل فيض کي آرمي چيف بڻائڻ بابت ڪڏهن نه سوچيو هو، سندس خلاف پروپئگنڊا ڪئي وئي، مون ڪڏهن به جنرل باجوا کي باس نه چيو، مان ته وزيراعظم هيس، ادارن کي مارشل لا جي عادت پئجي وئي هئي. هن چيو ته نيب جو ادارو جنرل (ر) باجوا جي ڪنٽرول ۾ هو، جنهن کي چاهيندو هو تنهن کي رليف ملي ويندو هو، نيب رڳو ڪمزورن ۾ هٿ وجهندو آهي، حڪومت ۾ آياسين ته هر قسم جي مافيا موجود هئي پر ايڪشن نه وٺي سگهياسين، ٻن خاندانن ادارن کي ڪمزور ڪيو آهي، سليمان شهباز جي واپسي اين آر او ٽو جو حصو آهي، پرويز الاهي مون تي مڪمل اعتماد ڪيو آهي، مان جيئن چاهيندس تيئن ڪندو. عمران خان وڌيڪ چيو ته مذهبي انتهاپسندي کي روڪڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ته ماڻهن کي دين جي وڌ کان وڌ ڄاڻ ڏني وڃي. ارشد شريف جي معاملي تي ڳالهائيندي پي ٽي آ سربراهه چيو ته ارشد شريف جي ماءُ جن جا نالا ورتا مون به اهي ئي نالا کنيا، ايف آءِ آر ارشد شريف جي ماءُ جي خواهش تي داخل ٿيڻ گهرجي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close