خيبر پختونخوا جي شهر ٽانڪ ۾ ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ماڻهن لا حڪومت طرفان گهرن جي اڏاوت مڪمل ٿي وئي، وزيراعظم شهباز شريف گهرن جون چاٻيون ٻوڏ متاثر ڪٽنبن جي حوالي ڪري ڇڏيون. ٽانڪ ۾ رهائشي يونٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سرندي وارن ماڻهن جي مدد سان ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي تعمير جو ساراهه جوڳو ڪم ٿيو آهي. هن چيو ته ٻوڏ سبب سڄي ملڪ ۾ 20 لک گهر مڪمل يا جزوي طور تباهه ٿيا، سڄي ملڪ ۾ روڊ رستا ۽ بجلي جو نظام به تباهه ٿيو، سنڌ ۾ ٻوڏ سڀ کان وڌيڪ تباهي آندي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ٻوڏ متاثرن جي جيڪا مدد ڪئي اها ساراهه جوڳي آهي، اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي ٻوڏ دوران بهترين ڪم ڪيو، دوست ملڪن جا ٿورائتا آهيون جن هن ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي، پاڪ فوج ٻوڏ متاثرن جي تمام گهڻي مدد ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 70 ارب رپيا ورهايا آهن، جڏهن ته وزيراعظم رليف فنڊ اڪائونٽ ۾ 5 ارپ رپيا جمع ٿي چڪا آهن. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف واپارين، سرندي وارن ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ٻوڏ متاثرن جي وڌ کان وڌ مالي مدد جي اپيل پڻ ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close