پاڪستانشوبز

ريڊيو پاڪستان مالي بحران جي ور چڙهي ويو،نشريات بند ٿيڻ جو خدشو،اضافي فنڊ طلب

ريڊيو پاڪستان ڪنگال ٿي ويو، شديد مالي بحران سبب انتظاميا ناڻي واري وزارت کان 4 ڏهائي 42 ارب رپين جا اضافي فنڊ گهري ورتا، جڏهن ته مالي خساري سبب سرڪاري ريڊيو جي نشريات بند ٿيڻ جو پڻ خدشو آهي. تفصيل موجب ريڊيو پاڪستان وٽ ملازمن جي پينشن، ڪميوٽيشن ۽ ٻيون مراعتون ادا ڪرڻ لا به مالي وسيلا نه آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته ناڻي واري وزارت هلندڙ مالي سال لاءِ ست ڏهائي 257 ارب رپين جي خرچن جي مقابلي ۾ 4 ڏهائي 628 ارب رپيا گرانٽ فراهم ڪئي. اهڙي طرح هلندڙ مالي سال ۾ 2 ڏهائي 629 ارب رپين جو خسارو آهي. حڪومت ٻين الائونسن ۽ پينشن جي ادائيگي لاءِ هڪ ڏهائي 727 ارب رپيا رکيا آهن جڏهن ته اصل ۾ 3 ڏهائي 287 ارب رپين جي گهرج آهي، تنهن ڪري نج خسارو هڪ ڏهائي 559 ارب رپيا آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button