پاڪستان

تاريخون ڏيڻ جا ڊراما ڇڏي ڏيو، غير مشروط ڳالهين لاءِ تيار آهيون:گهرو وزير

نواز ليگ جي اڳواڻ ۽ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان ڳالهين جي ڪا دعوت ناهي ڏني، پي ڊي ايم قيادت غير مشروط ڳالهين لاءِ تيار آهي، پارٽي نواز شريف کي درخواست ڪئي آهي ته هو اليڪشن مهم جي قيادت ڪري، اليڪشن ڀرپور نموني وڙهنداسين، ايندڙ چونڊن ۾ پنجاب ۾ اڪثريت حاصل ڪري حڪومت ٺاهينداسين. لاهور ۾ منشيات جي خاتمي واري عدالت ۾ شنوائي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا سياست بچائڻ لاءِ ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي پويان آهن، هن چيو ته ٽيريان عمران خان جي ڌيءَ آهي جنهن جا ثبوت موجود آهن، ڊيلي ميل وزيراعظم محمد شهباز شريف کان معافي گهري، سياسي انتقام لاءِ ٺاهيل ڪيس ختم ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته شهباز گل خلاف ڪو سياسي ڪيس نه آهي شهباز گل نفرت ۽ اشتعال انگيزي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي ڪري مٿس ڪيس داخل ٿيو، اعظم سواتي خلاف به ڪيس سياسي ناهي، اعظم سواتي پڻ فوج ۽ عدليه کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف سياسي ڪيس ٿين ها ته کين 4، 4 ڏينهن کانپوءِ ضمانتون نه ملن ها پر هي اسان وانگر هر ٽي ٽي سال قيد ڀوڳين ها، هڪ سوال تي راڻا ثناءُ الله چيو ته صدر عارف علوي ڳالهين جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اسان ملڪي معيشت بچائڻ ۽ ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پي ٽي آءِ وارا ملڪ جي ڊيفالٽ هجڻ جي ڪوڙي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته فوج منظم ادارو آهي اتي ڪنهن فرد جي پاليسي نٿي هلي پر پاليسي اداري جي هوندي آهي، راڻا ثناءُ الله چيو ته اسان خلاف انتقامي ڪارروايون ڪيون ويون، جيڪڏهن ڪيس ختم ٿي رهيا آهن ته اسان سان انصاف ٿي رهيو آهي، توشاخانه ڪيس ۾ ان جون رسيدون به ڪوڙيون ثابت ٿيون آهن، مرشد حڪم ڏئي ٿو ته گهڙيون وڪڻي ڇڏيو، ان کان وڏو ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته جڏهن اهي اسان جي ليڊرشپ تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهيا هئا ان وقت پاڻ ان قسم جي ڪرپشن ۾ ملوث هو، هي گذريل 7 مهينن کان حڪومت کي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي، هي شخص پنهنجي ذاتي انا لاءِ ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي پويان آهي، جيڪڏهن اقتدار ان وٽ هجي ته سڀ ٺيڪ ۽ جيڪڏهن اقتدار نه هجي ته سڀ غلط، تاريخون ڏيڻ جي ڊرامي کي ڇڏيو اسيمبلي ٽوڙيو اسان تيار آهيون، اسان 3 سال ڪوڙن ڪيس ۾ جيلن ۾ رهياسين، هي وڏي بيشرمي سان اها ڳالهه ڪري رهيا آهن ته اسان پنهنجا ڪيس ختم ڪرائي رهيا آهيون، هي اسان جي خلاف ڪوڙا ڪيس آهن ۽ هي ختم ٿيڻ گهرجن، راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان مون کي ڳالهين جي ڪڏهن دعوت ناهي ڏني ۽ نه وري مون سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته عمران خان ڳالهين جي ڪا دعوت ناهي ڏني، غير مشروط ڳالهين لاءِ تيار آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button