پاڪستان

پرويز الاهي اڃا اسيمبليون هلڻ جو حامي آهي،نواز شريف واپس آيو ته گرفتار ڪنداسين:عمران خان

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان هلندڙ مهيني صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پرويز الاهي جو خيال آهي ته اسيمبليون اڃا ڪجهه وقت هلنديون رهن پر هن فيصلي جو حتمي اختيار مون کي ڏئي ڇڏيو آهي، اسان ڊسمبر ۾ ئي اسيمبلين مان نڪري وينداسين، جنرل (ر) قمر باجوا چوندو هو ته ايندڙ وارو نواز ليگ جو هوندو، ن ليگ کي پهريون اين آر او پرويز مشرف ڏنو ۽ هاڻي اين آر او- 2 جنرل باجوا ڏنو آهي. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته راڻا ثناءُ الله جي ڳالهين کي ڪڏهن به سنجيده نه وٺندو آهيان، صوبائي اسيمبليون ڊسمبر ۾ ئي ٽوڙينداسين، اسيمبليون تحليل ڪرڻ بابت جيڪو فيصلو ڪيو آهي ان تي عمل ڪنداسين، ان حوالي سان پارٽي ۾ صلاح مشورو جاري آهي، جنهن ۾ آئيني ۽ قانوني پاسا به ڏسي رهيا آهيون، جيئن ئي اسيمبليون ٽٽنديون ته 48 ڪلاڪن اندر نگران سيٽ اپ اچي ويندو، معيشت کي اڀارڻ لا سياسي استحڪام هجڻ ضروري آهي ۽ ان لا وري نيون چونڊون ضروري آهن، هي 10 مهينن کانپوءِ چونڊون ڪرائين يا هڪ سال کانپوءِ، نيٺ هارائي ويندا. هن چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ پرويز الاهي جو خيال آهي ته اسيمبلي ڪجهه وقت اڃا هلڻ گهرجي پر هن خاطري ڪرائي آهي ته منهنجو هر چوڻ مڃيندو، پرويز الاهي ٻيهر وڏو وزير بڻائڻ جو ڪو مطالبو ناهي رکيو. عمران خان الزام هنيو ته اسان سان 7 مهينن ۾ جيڪو ٿيو، ان ۾ جنرل (ر) باجوا جون پاليسيون رهيون، باجوا چيو هو ته عثمان بوزدار کي هٽايو، سندس خواهش ۽ زور ان ڳالهه تي هو ته عليم خان کي پنجاب جو وڏو وزير بڻايو وڃي، بوزدار کي هٽائڻ جو مطالبو عجيب هو، عليم خان جو نالو ورتو ويو ته پرويز الاهي چيو ته هو ان کي سپورٽ نه ڪندو، مون به چيو ته عليم خان تي سنگين الزام آهن، تنهن ڪري کيس وڏو وزير نٿو بڻائي سگهان. پي ٽي آ چيئرمين چيو ته جيڪي ماڻهو حڪومت تبديل ڪرڻ ۾ ملوث هئا، اهي سڀ مير جعفر ۽ مير صادق آهن، اسان جي حڪومت وئي ته سڀني سوچيو هاڻ ماڻهو مٺايون ورهائيندا، هنن سوچيو ته منهنجي سياست ختم ٿي وئي، باجوا چوندو هو ته پي ٽي آءِ کان ڪير ٽڪيٽ نه وٺندو ۽ ايندڙ وارو نواز ليگ جو اچي رهيو آهي، هي پاڻ کي غير سياسي چئي ٻيهر سياسي ٿي ويندا آهن، باجوا شهباز شريف کي جينيئس سمجهندو هو، نيب به جنرل (ر) باجوا جي هيٺان هئي، نيب ذريعي ڪنهن کي اندر يا ٻاهر ڪرائڻ جي اسان جي هٿ وس ۾ نه هو، اسان وٽ اختيار ئي نه هو، جن وٽ اختيار هو انهن ئي هنن کي رليف ڏنو، اسان کي چيو ويندو هو ته احتساب کي ڇڏيو، ملڪ جي معيشت تي ڌيان ڏيو. هن وڌيڪ چيو ته هنن جي سڀ کان وڏي ڪوشش مون کي نااهل ڪرائڻ آهي، نواز شريف جي ڪوشش آهي ته سندس ڪيس ختم ٿي وڃن ۽ مان نااهل ٿي وڃان، ڪيس ختم ٿيڻ تائين نواز شريف نه موٽندو، جيڪڏهن نواز شريف پنجاب آيو ته کيس گرفتار ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button