بلوچستانپاڪستان

بلوچستان جي عوام جي تحفظ ۽ سلامتي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين:آرمي چيف

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته بلوچستان جي عوام جي سلامتي ۽ تحفظ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. پاڪ فوج جي ترجمان آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير بلوچستان جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪيو، پهرئين ڏينهن هن ڪور هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪيو، جتي شهيدن جي يادگار تي چادر چاڙهي ۽ فاتحا خواني به ڪئي. جنهن بعد آرمي چيف کي آپريشنل، ٽريننگ ۽ فارميشنز جي ٻين معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، هن ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۽ اسڪول آف انفينٽري اينڊ ٽيڪٽڪس جو به دورو ڪيو. ٻئي ڏينهن تي آرمي چيف تربت جو دورو ڪيو، جتي کيس ايف سي بلوچستان جي آءِ جي ڏکڻ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي جي موجوده صورتحال ۽ محفوظ ماحول کي يقيني بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته بلوچستان جي عوام جي سلامتي ۽ تحفظ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button