پاڪستانرانديون

پورچوگال به ورلڊ ڪپ مان ٻاهر،موراڪو جي ٽيم رونالڊو کي رت روئاري ڇڏيو

موراڪو جي فٽبال ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ پهريون ڀيرو سيمي فائنل مرحلي لا ڪواليفا ڪري نئين تاريخ لکي ڇڏي، ڪوارٽر فائنل ۾ پورچوگال کي 0-1 تان شڪست اچي وئي، سپر اسٽار رونالڊو لڙڪ وهائيندو گرائونڊ مان هليو ويو. قطر ۾ هلندڙ فيفا ورلڊ ڪپ جي ٽئين ڪوارٽر فائنل ۾ موراڪو جي ٽيم پوچوگال ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ گول تان وڏي شڪست ڏئي گهر ڀيڙو ڪيو ۽ پهريون ڀيرو ميگا ايونٽ جي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. فاتح ٽيم طرفان يوسف النصيري مئچ جي 42 هين منٽ ۾ گول ڪري ٽيم کي سرسي ڏياري، جيڪا آخر تائين برقرار رهي، جڏهن ته پورچوگال طرفان رونالڊو سميت ڪو به رانديگر گول نه ڪري سگهيو. مئچ هارائڻ ۽ ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿيڻ جي ڏک رونالڊو کي رت جا ڳوڙها وهائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button