پاڪستانپنجاب

گهرو وزير منشيات اسمگلنگ ڪيس مان آجو،عدالت باعزت بري ڪري ڇڏيو

لاهور جي خصوصي عدالت گهرو معاملن جي وفاقي وزير راڻا ثنا الله کي 15 ڪلوگرام هيروئن هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ ثبوت نه ملڻ تي باعزت طور بري ڪري ڇڏيو آهي. راڻا ثناءُ الله کي جولاءِ 2019 ۾ اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) طرفان 15 ڪلو هيروئن اسمگل ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو هو. لاهور هاءِ ڪورٽ راڻا ثناءُ الله جي 24 ڊسمبر 2019 تي ضمانت منظور ڪئي هئي. ٻئي طرف راڻا ثنا الله ڪيس مان آجو ٿيڻ تي ردعمل ڏيندي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته سڀ تعريفون الله تعاليٰ لا آهن، جنهن مون کي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ انصاف ڏياريو آهي، هي ڪيس تحريڪ انصاف جي حڪومتي دور ۾ سياسي مخالفن کي نشانو بڻائڻ واري مهم جو حصو هو. گهرو وزير وڌيڪ چيو ته مان انهن سڀني ماڻهن جو ٿورائتو آهيان جن ظلم خلاف آواز اٿاريو ۽ منهنجو ساٿ ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button