پاڪستانعالمي

پاڪستان ۾ اڄ غريب ٻچن جو پيٽ نٿا پالي سگهن،اسان جو دور به ياد رکو:نواز شريف

مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو اڄ اهو حشر ڪيو ويو آهي جو غريب پنهنجن ٻچن جو پيٽ به نٿو پالي سگھي، 2017ع ۾ پاڪستان تيزي سان ترقي ڪري رهيو هو، اسان پاڪستان جي معيشت کي ترقي ڏني، هر شعبي ۾ اسان جون خدمتون قوم جي آڏو آهن، جيڪڏهن اڃا به ڪير نٿو سمجهي ته پوءِ ڪيئن سمجهائجي، برطانوي اخبار ڊيلي ميل جي معافي بعد عمران خان، سندس پارٽي ۽ شهزاد اڪبر جو ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃڻ گهرجي. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته برطانيا جي سڀ کان وڏي اخبار ڊيلي ميل شهباز شريف خلاف ثبوت نه هجڻ تي معافي ورتي، ڪنهن جي معصوميت ۽ بيگناهي جو ان کان وڏو ڪهڙو ثبوت ٿي سگهي ٿو؟ عمران خان جي چوڻ تي شهزاد اڪبر شهباز شريف تي ڪوڙا الزام لڳايا هئا، نيشنل ڪرائم ايجنسي الزامن جي جاچ ڪري شهباز شريف کي ڪلين چٽ ڏئي چڪي آهي، ڊيلي ميل پاران معافي وٺڻ بعد عمران خان، سندس پارٽي ۽ شهزاد اڪبر کي شرم اچڻ گهرجي، اهي سڀ پرڏيهه ۾ ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻيا آهن. نواز شريف چيو ته اسان تي مفت ۾ ڪيس ٺاهيا ويا، مفت ۾ جلا وطن ڪيو ويو، مون کي پٽ کان پگهار نه وٺڻ جي ڏوهه ۾ نااهل قرار ڏنو ويو، شهباز شريف تي فنڊن ۽ عهدي جي غلط استعمال جا ڪوڙا الزام لڳايا ويا. برطانيا ۾ نواز ليگ جي حڪومت آهي ۽ نه ئي تحريڪ انصاف جي، برطانيا آزاد جمهوري ملڪ آهي، جيڪو چئي رهيو آهي ته سندس ملڪ جي اخبار معافي گهري آهي، ڪنهن جي بيگناهي جو ان کان وڏو ٻيو ڪهڙو ثبوت هوندو؟ هن چيو ته جسٽس شوڪت صديقي ۽ جج ارشد ملڪ ڇا چئي ويا، ثاقب نثار جون آڊيو ليڪس ٿيون، اهي سڀ اسان جي بيگناهي جا ثبوت آهن، مريم نواز جي حق ۾ فيصلو به ثبوت نه هجڻ ڪري آيو، عمران خان تي ڪرپشن جا الزام ناهن پر ثابت ٿيل ڪرپشن آهي، ٻچي ٻچي جي زبان تي توشا خاني جي چوري جا قصا آهن، مٿي کان پيرن تائين ڪرپشن ۾ ٻڏل شخص اسان تي الزام لڳائي رهيو آهي، قوم کي انهن سڀني شين کي غور سان سمجهڻ گھرجي. نواز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو اڄ اهو حشر آهي جو غريب پنهنجن ٻچن جو پيٽ به نٿو پالي سگھي، 2017ع ۾ پاڪستان تيزي سان ترقي ڪري رهيو هو، ان وقت کاڌي پيتي جي شين جا اگھه ڇا هئا، اٽو ۽ دال ڪيتري جو هو، بجلي ڪيتري سستي هئي، اسان اُهي آهيون جن بجلي جي کوٽ کي پورو ڪيو، اسان اُهي آهيون جن پاڪستان جي معيشت کي ترقي ڏني، هر شعبي ۾ اسان جون خدمتون قوم جي آڏو آهن، اڃا به ڪو نٿو سمجهي ته پوءِ ڪيئن سمجهايو وڃي، ڪنهن هڪ رٿا جو نالو ٻڌايو جنهن جو بنياد عمران خان رکيو هجي، ڪو هڪ منصوبو ٻڌايو جيڪو اهي فخر سان چئي سگھن ته اهو منصوبو اسان شروع ڪيو ۽ مڪمل ڪيو، خيبر پختونخوا ۾ هڪ ميٽرو بس ٺاهي اها به نقص واري نڪتي، ان تي اربين رپيا خرچ ٿيا ۽ نيب جو ڪيس به ٺهي ويو، بلين ٽري ۽ القادر ٽرسٽ جا جڏهن تفصيل سامهون ايندا ته ماڻهن جا لڱ ڪانڊارجي ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button