پاڪستانسنڌ

ڌارين جي نيڪالي ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لا عوامي تحريڪ جو احتجاج

ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار ۾ عوامي تحريڪ طرفان نوان صوبا ٺاهڻ واري پارلياماني ڪميٽي واري سازش جي خلاف، سنڌ مان افغانين، بنگالين ۽ برمين سميت ٻين ڌارين جي نيڪالي ۽ برسات متاثرن جي بحالي لا ٽنڊوالهيار پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن عبدالرحمان سمون، عبدالله مڱڻهار، محمد صديق اوٺو، سورٺ مڱڻهار، محمد بچل سميجو، نبي بخش ميرجت، فيروز سومرو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سنڌ کي ورهائڻ لا ٺاهيل نام نهاد پارلياماني ڪميٽي کي رد ٿا ڪريون ۽ ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته سنڌ کي ورهائڻ واري سازش بند ڪئي وڃي، نه ته سنڌ جو باشعور عوام اوهان کي رستن تي هلڻ نه ڏيندو. هنن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لا تڪڙا قدم کڻي سندن اهنج ختم ڪيا وڃن. جڏهن ته عالمي ادارن جي رپورٽ آهي ته سنڌ جي 11 ضلعن مان اڃا تائين پاڻي نيڪال نه ڪيو ويو آهي، جتي اڃان تائين ماڻهو پريشان آهن، جيڪي مختلف بيمارين ۾ وٺجي رهيا آهن. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ مان افغانين، بنگالين، برمين ۽ بيهارين سميت ٻين ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي ۽ سنڌ جون زمينون ليز جي نالي نيلام ڪرڻ بند ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button