پاڪستانسنڌ

رام بستي واقعي جا ذميوار حڪمران آهن:حبيب جتوئي

چمبڙ: چمبڙ ويجھو رام بستي ۾ برپا ٿيندڙ قيامت جا ذميوار سنڌ جا حڪمران آھن، چار معصوم جانين جي قتل جي ايف آئي آر ٽنڊوالھيار جي فوڪل پرسن، ايم پي اي، ايم اين اي، ڊي سي ٽنڊوالھيار، اي سي چمبڙ ۽ ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪميٽي چمبڙ تي داخل ڪئي وڃي. اھڙو اظھار سنڌ عوامي فورم جي مرڪزي صدر حبيب جتوئي، ڊاڪٽر انور حاجاڻو، ڊاڪٽر حسن لغاري ۽ ڊاڪٽر امرشي ٺاڪر چمبڙ ويجھو ڪمند سان ڀريل ٽڪر مٿان چڙهڻ سبب فوت ٿيل ڳورهاري عورت ۽ سندس ٻن ڌيئرن جي وارثن سان تڏي پھچي تعزيت ڪرڻ بعد چمبڙ پريس ڪلب ۾ دي ميٽ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هنن وڌيڪ چيو ته حڪمرانن جي نااھلي ۽ ڪرپشن جي ڪري سنڌ ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي، برسات متاثر چار مھينن کان چمبڙ ۽ ٽنڊوالھيار جي مک روڊن جي ڪناري پنھنجي برساتي پاڻي ۾ ٻڏل ڳوٺ رام بستي سامھون بي يارو مددگار ويٺل آھن، اڃا تائين انتظاميا جي نااھلي سبب ڳوٺ جي چوطرف کان پاڻي نيڪال ٿي نه سگھيو آهي، چمبڙ پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ ورتو، ٽرڪ مالڪ به پوليس سان مليا، پر پوليس وري نامعلوم ڊرائيور خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي. سنڌ عوامي فورم مطالبو ٿي ڪري ته وارثن کي چار انساني جانين جو مٿاوضو ھڪ ڪروڙ رپيا ڏنا وڃن. هنن سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ ھائي ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته فوري طور واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي فوتين جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button